شاهه غياث الدين جيلاني

شاهه غياث الدين جيلاني: بزرگ شاهه غياث الدين جيلاني، نصرپور جي نامور بزرگ شاهه عنايت الله جيلانيءَ جو پٽ هو. پاڻ پنهنجي دور جي وڏن مشائخن مان هڪ هو. هن پنهنجي والد کان روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ والد جي وفات کانپوءِ خانقاهه جي مسنَد تي ويٺو. کيس نصرپور ۽ آسپاس ۾ چڱي حيثيت حاصل هئي. هن جي وفات نصرپور ۾ ٿي. کيس خانقاهه جي احاطي ۾ والد جي ڀر ۾ دفنايو ويو. هن وقت سندس مزار سان گڏ خانقاهه ۽ سڄو قبرستان ڊهي ويو آهي. اڪثر قبرون ميسارجي چڪيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو